انيلا ابڙو

انيلا ابڙو: ايٿليٽڪس ۾ پاڻ مڃائيندڙ سنڌ ڄائي انيلا ابڙو لاڙڪاڻي ۾ محمد اسحاق ابڙي جي گهر ۾ جنم ورتو، پاڻ اڃا ستين درجي ۾ هئي ته لاڙڪاڻي جي گرلس هاءِ اسڪول مان راند جي شروعات ڪيائين ۽ پوءِ گرلس ڪاليج ۾ به ان کي جاري رکيائين، گڏوگڏ تعليم کي جاري رکندي ايم. بي. بي. ايس ڪري ڊاڪٽر به ٿي وئي پر شوق خاطر راند کي ئي ڪيريئر بڻايائين. ڊاڪٽر انيلا ابڙو هن وقت لاڙڪاڻي جي گرلس ڪاليج ۾ اسپورٽس انسٽرڪٽر جي عهدي تي ڪم ڪندي شاگردياڻين کي ايٿليٽڪس ۽ ٻين راندين جي سکيا ڏئي رهي آهي. هن ايٿليٽڪس راند جي شروعات 100 ميٽر ڊوڙ سان ڪراچيءَ مان ڪئي پر بعد ۾ هن ايٿليٽڪس جي ڊسڪس ٿرو شعبي کي اهميت ڏئي ان ۾ مڃتا ماڻيائين. 1990ع ڌاري هن اسلام آباد ۾ ٿيل انڊر 16 ايٿليٽڪس چيمپيئن شپ ۾ سلور ميڊل حاصل ڪيو. ساڳئي سال هوءَ سنڌ اندر ڪنهن کان پوئتي نه رهي ۽ ڪراچيءَ ۾ ٿيل انٽر ڊويزن ايٿليٽڪس چيمپئن شپ ۾ گولڊ ميڊل ماڻيائين. سندس ڪيريئر جو سنهري دؤر 1994ع کان 1996ع وارو هو، جڏهن هن نه رڳو سنڌ گيمز ۾ مسلسل ٽن سالن تائين گولڊ مڊل ماڻيو پر سنڌ گيمز ۾ مسلسل ٽن سالن تائين گولڊ ميڊل حاصل ڪندي ايٿليٽڪس ۾ چيمپيئن طور پهرين سنڌي ڇوڪريءَ جو اعزاز حاصل ڪيو. هن ان ۾ هيٽرڪ به ڪري ورتي، جيڪو اعزاز اڃا تائين ٻي ڪنهن ڇوڪريءَ کي حاصل نه ٿي سگهيو آهي. هن 1994ع ۾ حيدرآباد، 1995ع ۾ سکر ۽ 1996ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ ٿيل سنڌ گيمز ۾ گولڊ ميڊل ماڻي ڄاڻايل اعزاز حاصل ڪيو. جيتوڻيڪ هن بعد ۾ ايٿليٽڪس کي پروفيشنل طور خدا حافظ چيو پر سندس صلاحيتن جي نتيجي ۾ هڪ ٻيو موقعو مليو ۽ هن 1999ع ۾ پاڪستان جي ايٿليٽڪس ٽيمس سان گڏ ڀارت جو دؤرو ڪري راجا ٻلهيندر سنگهه چيمپئن شپ ۾ به حصو ورتو. ڊاڪٽر انيلا جي هيترين ڪاميابين جي پٺيان سندس والد محمد اسحاق جو وڏو هٿ آهي. محمد اسحاق بنيادي طور تي خوشحال گهراڻي سان تعلق رکندو هو ۽ هو پاڻ به ايٿليٽڪس کيڏڻ سان گڏ اسپورٽس انسٽرڪٽر پڻ رهيو. ان ڪري هن پنهنجي ڌيءَ جي تربيت ۾ وسان نه گهٽايو. گهر ۾ ئي ايٿليٽڪس لاءِ ٽريڪ ٺهرائي ڏنو. جتي پاڻ روز پريٽڪس ڪندي هئي ۽ اهو ٽريڪ اڄ به سندن گهر ۾ موجود آهي ان کانسواءِ سندس والد فزيڪل ايجوڪيشن لاڙڪاڻو ڪاليج به قائم ڪيو، جيڪو پڻ سنڌ اندر پهريون خانگي ڪاليج هو. 2005ع ۾ والد محمد اسحاق جي وفات کانپوءِ اهو ڪاليج ڊاڪٽر انيلا سنڀاليو، پر ٻن سالن بعد ڪن معاملن جي ڪري اهو ڪاليج بند ٿي ويو. ڊاڪٽر انيلا ابڙو نه رڳو گرلس ڪاليج اندر پنهنجي ذميواري نڀائيندي شاگردياڻين کي سکيا ڏئي رهي آهي، پر هوءَ شهر اندر ٻين مختلف هنڌن تي مقامي سطح تي ٿيندڙ راندين جي مقابلن ۾ به اڪثر شاگردياڻين ۽ ڇوڪرين جي رهنمائي به ڪري رهي آهي. هوءَ نهايت ئي محنتي، نيڪ نيت ۽ پنهنجي پيشي سان نڀاءُ ڪندڙ ڇوڪري آهي. پاڻ هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


لفظ انيلا ابڙوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو